جنيوا- 06 جولاءِ (اي پي پي) قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي او آءِ سي گروپ طرفان پاڪستان جي درخواست تي گڏيل قومن جي هيومن رائيٽس ڪائونسل ۾ بحث 11 جولاءِ تي ٿيندو. او آءِ سي طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آ??ي ته هيومن رائيٽس ڪائونسل قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي فور?? بحث ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، او آءِ سي طرفان ان حوالي سان بيان جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير خليل هاشمي جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن هيومن رائيٽس ڪائونسل جي 53 هين اجلاس جي صدر سان ڪجهه يورپي ۽ ٻين ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بار بار بي حرمتي سميت مذ??بي نفرت جي عوامي ??طح تي ٿيڻ وارن خطرناڪ قدمن تي غور ۽ انهن جي روڪٿام لاءِ فور?? بحث ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ه?? چيو ته هيومن رائيٽس ڪائونسل جي موجوده صدر کي ان باري ۾ 3 جولاءِ تي هڪ خط موڪليو ويو هو جنهن ۾ فور?? بحث جو مقصد بيان ڪيو ويو آ??ي ته اسان ان ناپاڪ جسارت تي بامعنيٰ بحث ڇو چاهيون ٿا. ه?? چيو ته گذريل هفتي عيد جي ڏينهن ۽ هڪ مسجد جي ٻاهران قرآن پاڪ کي شهيد ڪرڻ ۽ بي حرمتي ڪرڻ هڪ ڌار عمل نه هو، تازن مهينن ۾ اهو ڇهون موقعو هو جيڪو مذ??بي نفرت جو واضح، وڌندڙ ۽ مسلسل عمل جي مڪمل عڪاسي ۽ حڪومتي لائسنس تحت نمائندگي ڪري ٿو. ه?? چيو ته اهي اسلامو فوبڪ ڪارروايون پهرئين ڪيون ويون ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته انهن ڪاررواين کي اظهار جي راءِ جي آزادي جي حق سان ملائي انهن جو مستقل دفاع ڪيو ويو. ه?? چيو ته عوام امن لاءِ ڏور رس اثرن، انهن جي جارحاڻي ۽ اشتعال انگيز نوعيت جي باوجود ان مان ڪنهن به ڪارروائي کي نه ته روڪيو ويو ۽ نه ئي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. خليل هاشمي چيو ته او آءِ سي گروپ پهرين ۽ بار بار هيومن رائيٽس ڪائونسل ۾ امتيازي سلوڪ، اشتعال انگيزي ۽ تشدد کي ڀڙڪائڻ جي انهن ڪاررواين تي پنهنجو شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ۽ ان جي موثر روڪٿام لاءِ قدمن تي زور ڀريو آهي، ه?? چيو ته اهو واضح آ??ي ته قانوني رڪاوٽ جي عدم موجودگي ۾ اهڙيون ڪارروايون جاري آهن. اسان ان حقيقت جي آجيان ڪريون ٿا ته ان تازي ترين اشتعال انگيز عمل جي مذ??ت مذ??ت ڪئي وئي آهي ۽ ان کي سختي سان رد ڪيو ويو آ??ي تنهن هوندي به ان رجحان کي منظم ۽ بار بار جاري نوعيت کي ڏسندي هاڻي صرف لفظ ڪافي ناهن. او آءِ سي گروپ ان ڳالهه کي به اجاگر ڪرڻ چاهي ٿو ته انساني حقن جي ڪائونسل طرفان تيار ڪيل موجوده اصولي فريم ورڪ سان اهي نتيجا نه نڪري رهيا آهن جن جي اميد هئي، ه?? چيو ته قومي ??طح تي موثر قانوني ۽ پاليسي قدمن جي عدم موجودگي انهن ڪاررواين جي روڪٿام ۽ قانوني ڪاررواين ۾ رڪاوٽون وڌيون آهن جنهن کي اربين ماڻهن لاءِ نفرت جوڳو سمجهيو ويندو آهي.
قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي او آءِ سي گروپ پاران پاڪستان جي درخواست تي گڏيل قومن ۽ هيومن رائيٽس ڪائونسل ۾ بحث 11 جولاءِ تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ