تهران-11 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل فياض بن حامدالرويلي اي??ان جو سرڪاري دورو ڪيو ۽ اي??ان جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد باقري سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ۽ دفاعي شعبن ۾ ٻطرف?? لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جيڪي خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ضروري آهن. سعودي عرب جي چيف آف جنرل اسٽاف اي??ان جي انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي معاملن بابت اسسٽنٽ چيف آف اسٽاف ميجر جنرل غلام محرابي سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جا عسڪري عهديدار به موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا