برسلز _ 14 نومبر (اي پي پي ) آم??يڪ?? پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ عسڪريت پسندن کي ??تم ڪرڻ جو پنهنجو مقصد ??اص?? ڪري ورتو آهي هاڻي هو جنگ سٽيل غزه جي شهرين کي پنهنجي علائقن ڏانهن واپس وڃڻ جي اجازت ڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب برسلز ۾ هڪ اجلاس کي ??طاب ۾ هن چيو ته اسرائيل اهو معيار پاڻ طئي ڪيو هو ۽ هاڻي هو پنهنجي اسٽريٽجڪ هدف کي پورو ڪري چڪو آ??ي . هن چيو ته غزه ۾ جنگ ختم ڪرڻ جو وقت آهي ڇو ته اها ويڙهه هاڻي وچ اوڀر جي ٻين حصن ۾ پکڙجي رهي آ??ي . هن جو چوڻ هو ته جنگ کي ??تم ڪرڻ ئي غزه جي سويلين آبادي کي هنگامي بنيادن تي گهربل امداد جي فراهمي جو سڀ کان موثر ذريعو هوندو . ان لاءِ غزه ۾ ڊگهي وقت تي ٻڌل حقيقي جنگ بندي ڪئي وڃي . هن چيو ته اها اسرائيل جي ذميواري آهي ته هو غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ۾ سهولتڪاري ڪري . هن غزه ۾ جاري انساني بحران کي ??ل ڪرڻ لاءِ مسلسل ۽ موثر ڪوششن تي زور ڀريو. آم??يڪ?? پرڏيهي وزير ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته غزه ۾ ڪيتريون ئي امدادي ٽرڪون ڦُرلُٽ ۽ ٻين ڏوهن سبب امدادي سامان ورهائي ناهن سگهيون، اهو ضروري آهي ته ان صورتحال تي ڌيان ڏنو وڃي.
اسرائيل عسڪريت پسندن جي خاتمي جو هدف حاصل ڪري ورتو، هاڻي غزه ۾ جنگ بند ڪري: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال