نيويارڪ-27 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي ارب پتي ۽ ڪاروباري شخصيت ايلون مسڪ چيو آھي ته مستقبل جي جنگن ۾ ڊرونز ويڙ??اڪ جھازن جي جاءِ والاريندا. پرڏيھي رپورٽ مطا??ق ايلون مسڪ ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ لکيو آھي ته بنا پائ??ٽ جي ھوائي گاڏين (يو اي وي) مستقبل جي ھٿياربند تڪرارن ۾ پائلٽ ويڙ??اڪ جھازن جي جاءِ والاريندا. مستقبل جون جنگون ڊرونز ۽ ھائپر سونڪ ميزائلن بابت آھن. انسانن ذريعي ھلندڙ وڙ??اڪ جھاز جلد ختم ٿي ويندا. واضح رھي ته سيپٽمبر جي پڄاڻي تي ايلون مسڪ مستقبل ۾ ”ڊرون هلائيند??ن“ وچ ۾ ويڙهه جي اڳڪٿي ڪئي آھي. ان ان کان اڳ هن ففٿ جنريشن جي ايف 35- جنگي جھازن تي تنقيد ڪندي چيو ھو ته اھي بنا پائلٽ ٽيڪنالاجي جي وڌڻ سبب مھانگا ۽ پراڻا آھن.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ