اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا، هر ڪرپٽ عنصر جو ??نا فرق جي احتساب ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جو ??ه اهو ئي موقف آهي ته سڀني جو ??حتساب ٿيندو ۽ اسان جو ووٽر به ڪرپشن ڪندڙن جو ??حتساب چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن مختلف نجي ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مشاهد الله خان سميت سندس 6 ڀائي ۽ ڪزن پي آءِ اي ۾ ڀرتي ٿيا جيڪا مڪمل طور تي سياسي ڀرتي آهي ۽ کين ترقيون به سياسي بنيادن تي ڏنيون ويون، مون ان جو ڪيس ايف آءِ اي کي موڪلي ڇڏيو آهي، م??اهد الله جو هڪ ڀاءُ لنڊن، هڪ نيويارڪ ۽ هڪ پيرس ۾ اسٽيشن مينيجر آهي، هن چيو ته مشاهد الله جو هڪ ڀاءُ آمريڪا ۾ پي آءِ اي جي فلائيٽس بند ڪرائي آيو، هي ان جي ڪارڪردگي آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت گذريل حڪومتن جي طرح نه هلندي ?? هر ڪرپٽ عنصر جو ??حتساب ڪندي ۽ چور کي ان جي گهر تائين پهچايو ويندو ڇو ته اسان انهي بنياد تي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري آيا آهيون ۽ ماڻهو اسان مان اميد به رکن ٿا ته اسان چور کي بي نقاب ڪريون ?? هر هڪ جو ??حتساب ڪريون.
2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا