اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلم??ن جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي 20 ارب ڊالر ماليت جي 7 معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، صحيحن واري ت??ريب وزيراعظم هائوس ۾ ٿي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسٽينڊرڊائيزيشن جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي ت?? صحيحون ڪيون ويون. سعودي عرب جي واپار واري وزير ڊاڪٽر ماجد القاسمي ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي معاهدي ت?? صحيحون ڪيون. راندين جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي ت?? سعودي عرب جي پرڏيهي وزير عادل الجبير ۽ بين الصوبائي رابطن، نوجوان ۽ راندين جي معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ??حيحون ڪيون.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم