اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو ڀارتي ظلمن خلاف بيگناهه ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار عالمي برادري لاءِ پيغام آهي ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاء?? فوري ۽ موثر ڪردار ادا ڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته او آءِ سي گواهي ڏن?? آهي ته ايل او سي تي ڀارتي فوج بي گناهه شهرين تي بندش پيل ڪلسٽر هٿيار استعمال ڪري ره?? آهي. هن چيو آهي ته ڀارت جي ڪاغذي ڪارروائي رد ڪريون ٿا، ڀارت جي ناپاڪ ڪوششن سان زميني حقيقتون تبديل ناهن ٿيون، ڀارت جي ان عمل ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي جلا بخش?? آهي، پاڪستان ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏين??و، پاڪستان سمورا دستياب آپشن استعمال ڪن??و، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام