اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان آمريڪي سفارتخ??ني جي ناظم ا??ام??ر انجيلا ايجلر ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ان موقعي تي چيو ??ه آمريڪي ڪمپنين جو پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي ??در جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آمريڪي ناظم ا??ام??ر ڪووڊ -19 چئلينج سان موثر انداز ۾ سرخرو ٿيڻ تي پاڪستان جي واکاڻ ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??ه ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي لاءِ مهم جاري رکي آهي ته جئين وبا جي پکيڙ کي بچي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جو روزگار سان گڏوگڏ انس??ني زندگي جي تحفظ جو ويزن ڪووڊ – 19 چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ??ه ڪورونا وبا جي دوران جتي گڏيل رابطن ۽ اطلاعات جي پهچ جو طريقيڪار متاثر ٿيو ??تي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن کي فروغ حاصل ٿيو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??ه ڊجيٽل اطلاعاتي نظام تعليم جي فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿيو ۽ ان سان گڏ ڪاروباري سرگرميون ۽ روز مره جا معاملا جاري رکڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيو.
اطلاعات واري وفاقي وزير سان آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں