اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته وزيراعظ?? عمران خان جي قيادت هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو پختو يقين آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي جو واحد حل ا??پن بيلٽنگ ئي آهي، ووٽ ج?? تقدس کي برقرار رکڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جو ڪردار تمام اهم آهي، تحريڪ انصاف جي سڄي جدوجهد سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ هئي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ??ه مرڪز ۾ يوسف رضا گيلاني جي فتح تي شديد خدشا آهن، وزيراعظ?? عمران خان پهرين ئي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪيو هو. پي ٽي آءِ وٽ به ??وسف رضا گيلاني جي پٽ ج?? خلاف وڊيو ??بوت موجود آهن. هن چيو ??ه جيڪڏهن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي ثمرن مان لطف اندوز ٿيڻو آهي ته اسان کي هر شعبي ۾ شفافيت جي عمل کي يقيني بڻائڻو پوندو ۽ پئسن جي زور تي اليڪشن وڙهندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻي پوندي.
يوسف رضا گيلاني جي فتح تي شديد خدشا آهن: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil