اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته مدي??ي جي رياست قانون جي حڪمراني ۽ انسانيت جي ڀلائي جي بنياد تي قائم ٿي، مسلمانن جڏهن ته ان??ن اصولن تي عمل ڪيو ڪامياب ٿيا، جن م??ڪن ان??ن اصولن تي عمل ڪيو اهي ترقي ڪري ويا، جيڪي قومون قانون جي حڪمراني تي عمل ناهن ڪنديون اهي تباهه ٿي وينديون آهن، اميد آهي ته مسلمان م??ڪ مدي??ي جي رياست جي بنيادي اصولن تي عمل ڪري پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺن. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت محمد ﷺ جي سيرت مبارڪ ۾ تهذبي قدرن جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. عالمي ڪانفرنس جو انعقاد رباط اسلامڪ ورلڊ ايجوڪيشنل، سائٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن ڪيو هو. وزيراعظم چي?? ته حضور اڪرم ﷺ مدي??ي جي رياست جي بنياد تي دنيا جي عظيم ترين تهذيب قائم ڪئي جنهن جا ٻه بنيادي اصول قانون جي حڪمراني ۽ فلاحي رياست هو، اسان کي پيغمبر ﷺ فرمايو ته جيڪڏهن سندس صاحبزاده به ڏوهه ڪندي ته ان کي سزا ملندي، ٻيو هن فرمايو ته اوهان کان پهريون ڪيتريون ئي قومون ان لاءِ تباهه ٿيون ڇاڪاڻ جو هنن طاقتور ۽ امير، غريب ۽ ڪمزور ماڻهن جي لاءِ ڌار ڌار قانون ٺاهي رکيا هئا، وزيراعظم چي?? ته جن قومن ۾ قانون جي حڪمراني ناهي هوندي ۽ اتي جهنگل جو قانون هوندو آهي ته اهي جلد يا دير تباهه ٿي وينديون آهن جڏهن ته عظيم قومون ا??صا?? جي اصولن تي عمل پيرا رهنديون آهن، وزيراعظم چي?? ته اسان جي پيغمبر ﷺ انسانيت جي تاريخ ۾ فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ پهريون ڀيرو رياست غريبن، يتيمن، بيواهن ۽ ڪمزور طبقي جي ذميداري قبول ڪئي، پينشن جو نظام به ٻي خليفي حضرت عمر جي دور ۾ شروع ٿيو ۽ رياست بزرگ شهرين جي امداد جي ذميداري ورتي. اها هڪ مثالي رياست هئي.
مديني جي رياست قانون جي حڪمراني جي بنياد تي قائم ٿي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک