اسلام آباد – 24 –; نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڳوڻي دور ۾ مر??م نواز جي سرپرستي ۾ قائم ميڊيا سيل جي ذريعي 15 کان 18 ارب روپيا صحافين ۾ ورهايا ويا، قومي خزاني مان تقريبن 10 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا، هڪ پرائيويٽ شخص پاران سرڪاري فنڊز کي هينڊل ڪرڻ سنگين جرم آهي، اشتهار هڪ حربو نه هو، ان کانسواءِ به اڳوڻي دور حڪومت ۾ ڪيترائي حربا استعمال ڪيا ويندا رهيا آهن، ان معاملي جي انڪوائري ڪري حقيقتون عوام جي سامهون رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪي??، ان موقعي تي توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر به موجود هو، وفاقي وزير چيو ته مر??م نواز جڏهن به ڳالهائيندي آهي ته اسان کي سٺي جي اميد هوندي آهي، الحمد الله مر??م نواز اڄ ميڊيا سال هلائڻ جو اعتراف ڪري پنهنجو ٽريڪ رڪارڊ برقرار رکيو آهي، هن چيو ته مر??م نواز اعتراف ڪي?? آهي ته هو ميڊيا سيل هلائي رهي هئي، ان ميڊيا سيل جي نشاندهي 2 نومبر 2015ع تي ڊان اخبار ڪئي هئي ته ان وقت وزيراعظم هائوس ۾ مر??م نواز جي سرپرستي هيٺ اسپيشل ميڊيا سيل جوڙيو ويو هو، هن چيو ته ان ميڊيا سال ۾ پهرين 15 ميمبر هو، 20 ملين روپيا وڌيڪ ڀرتين لاءِ مختص ڪيا ويا، ميڊيا سيل جي ميمبرن جو تعداد وڌائي 38 ڪي?? ويو ۽ ان کي ميڊيا جي سمورين مهمون هلائڻ جا اختيار ڏنيا ويا، وفاقي وزير چيو ته هڪ منظم طريقي سان ان بدنام زمانه سيل صحافين کي خريد ڪي??، انهن ۾ رقم ورهائي جڏهن ته مخالف صحافين کي سزائون ڏنيون ويون. هن چيو ته مر??م نواز اعتراف ڪي?? آهي ته هو ان ڪم جي نگراني ڪري رهي هئي، هن چيو ته ميڊيا سيل جي منظوري سان 9 ارب 62 ڪروڙ 54 لک 3 هزار 902 روپيا وفاقي حڪومت جا خرچ ڪيا ويا، مر??م نواز ڪجهه چئنلز جي نالا ورتا جن کي سزا ڏني وئي، ڪجهه جا نالا نه ورتا جنهن کي نوازيو ويو. هن چيو ته ن ليگ جي اڳوڻي دور ۾ ڪجهه صحافين کي سزائون مليون، صحافتي تنظيمن ۽ صحافي برادري جون اکيون کولڻ جي لاءِ کين ٻڌائڻ ضروري آهي ته ڪيئن نوازيو ويو ۽ ڪئين سزا ڏني وئي. چوڌري فواد حسين چيو ته 10 ارب روپين جي رقم صرف اسلام آباد جي ايڊورٽائيزمينٽ جي آهي، پنجاب جي ايڊورٽائيزمينٽ به گهڻي حد تائين ميڊيا سيل ڪنٽرول ڪري رهيو هو، ان ميڊيا سيل جي ذريعي تقريبن 15 کان 18 ارب روپيا صحافين ۽ مختلف ميڊيا سيل جي ذريعي جيڪو گورک ڌنڌو کيڏيو ويو ان جي سڀني کان وڏي شهادت اسان جي سامهون آئي آهي، ان معاملي تي اسان انڪوائري ڪرائڻ جو فيصلو ڪي?? آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ ان جا تفصيل عوام ۽ ميڊيا جي سامهون پيش ڪنداسين، هن چيو ته پرويز رشيد جي دور ۾ اطلاعات واري وزارت کي ڪٺ پتلي بڻائي رکيو هو، سرڪاري رقم جي استعمال ۾ ڪنهن پرائيويٽ شخص جا اختيار ڪيئن استعمال ٿيا، ان جي تحقيقات ڪئي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ن ليگ جي خلاف عدالتن ۾ جيڪي ڪيس هلي رهيا آهن اهي سادا ڪيس آهن ته اهي جائيدادون آهن، ان ۾ توهان رهي رهيا آهيو ۽ ان جا پئسا ڪٿان کان آيا؟ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 9 ۾ لکيل آهي ته پراپرٽيز جي مني ٽريل پيش ڪئي وڃي، جيڪڏهن نه ته اها ڪرپٽ پريڪٽس آهي، هن چيو ته ن ليگ مني ٽريل ڏيڻ بدران ان سلسلي کي روڪڻ چاهي ٿي، ن ليگ وٽ ثبوت آهن ته هو عدالتن ۾ پيش ڪري، عام ماڻهو به چاهي ٿو ته چورن کان پئسو واپس اچي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مر??م نواز جو اعتراف صحافين جي لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي هو ڪه??ي طرح ان تي پنهنجو موقف پيش ڪن ٿا، اسان ان معاملي جي انڪوائري ڪري ميڊيا جي سامهون پيش ڪنداسين ته ڪه??ي طرح سرڪاري رقم جو غلط استعمال ڪي?? ويو.
مريم نواز جي سرپرستي ۾ 15 کان 18 ارب روپيا صحافين ۾ ورهايا ويا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث