لاهور – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته سيالڪوٽ واقعي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي ??سم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي. هو هتي ايمرجنسي سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ انٽرنيشنل والنٽيئرز ڊي جي موقعي تي ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. فرخ حبيب چيو ته پوليس واقعي جي ٻن مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ ان سلسلي ۾ 110 ماڻهن ??ي گرفتار ڪيو آ??ي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته پاڪستان عالمي سطح تي ناموس رسالت ﷺ جو ڪيس وڙهي رهيو آ??ي. هن وڌيڪ چيو ته عوام قانون کي هٿ ۾ نه کڻي ۽ رياست جي رٽ کي تسليم ڪري. هن ماڻهن جي ذهنيت کي بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته واقعي جي حوالي سان ٺوس انڪوائري ڪئي پئي وڃي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته جيستائين ان جو تعلق آهي موجوده حڪومت عوام جي وسيع تر مفاد ۾ ڳالهه ٻولهه جو آ??شن چونڊيو.
سيالڪوٽ واقعي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria