اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله پنهنجي وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دور??ن افعانستان جي صورتحال، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن بشمول ميڊيا وفدن جي مٽاسٽا سميت ڊرامي ۽ فلم جي شعبن ۾ تعاون تي ??يالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي صورتحال اهڙي طرح خراب ٿيندي رهي ته اتي ??مام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان جي وڏي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي افغانستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، افغانستان جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي ??چڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا ر??بطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ پڻ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني ڊرامن ٻين زبانن ۾ ترجمي سان گڏ پنهنجو هڪ مقام ٺاهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستاني ڊرامن کي ملائيشيا جي عوام کي پڻ پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خاص طور تي ??فغان عوام جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪست??ن اسلامي ملڪن جي تنظيم جو اهم ميمبر ۽ مسلم??ن امت ۾ اهم مقام رکي ٿو. هن چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان ميڊيا، فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ تعاون کي فروغ ڏينداسين. ملاقات ۾ اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو.
وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج