اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اسلامي ملڪن کي نئين حقيقت?? جي ڏس ۾ احتياط سان اڀرندڙ نئين عالمي نظام ۾ پنهنجا انفرادي ۽ اجتماعي مقصد حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ گهرجي. وزيراعظم ”عرب نيوز“ ۾ شايع ٿيندڙ پنهنجي مضمون ۾ چيو آهي ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن کي سڀ کان اڳ اصولن کي برقرار رکندي پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي کي فروغ ڏيڻ گهرجي، وڏين طاقت?? جي دشمنين ۾ ملوث ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عالمي ??ڪرارن کي حل ڪرڻ گهرجي ۽ پرڏيهي مداخلت کي روڪڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته انصاف سان ام?? جي قوت جي طور تي او آءِ سي کي فلسطين ۽ ڪشمير جي خودمختياري جي حق ۽ غيرملڪي قبضي کان آزادي جي منصفاڻي مقصد?? جي حمايت جاري رکڻ گهرجي. جيتوڻيڪ اهي هدف مشڪل آهن پر مون کي يقين آهي ته تاريخ جو دائرو انصاف طرف جهڪي ٿو. وزيراعظم هي صمون پاڪستا?? جي ميزباني ۾ 22 – 23 مارچ تي اسلامي ??عاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي مناسبت سان لکيو آهي. هن چيو ته پاڪستا?? جي ڏهاڙي جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي اسلام آباد ۾ اسلامي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جو انعقاد پاڪستان سان مسلمان?? جي يڪجهتي جو غيرمعمولي مظاهرو آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد اجلاس عالمي ??اريخ جي نازڪ موڙ تي ٿي رهيو آهي. 1945ع ۾ قائم ٿيندڙ عالمي ??لامتي ۽ ا قتصادي نظام جي ڍانچي کي طاقت جي بار بار هڪ طرفي استعمال، هڪ نئين ”سرد جنگ“ ۽ قوم?? جي وچ ۾ وڌندڙ اڻبرابري، ڪوويڊ 19 وبائي بيماري، موسمياتي تبديلي جي اثرن ۽ ٽيڪنالاجي جي انقلاب جي نتيجي ۾ ختم ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اسلامي ??عاون تنظيم دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي بين الحڪومتي تنظيم آهي ۽ اسلامي ??نيا جي گڏيل آواز جي نمائندگي ڪري ٿي. ان ڳالهه کي ورجائيندي پاڪستان سدائين اسلام جو قلعو ۽ سڄي دنيا جي مسلمان?? جي حقن ۽ مفادن جو محافظ رهندو. هن چيو ته گذريل سالن ۾ تنظيم اسلامي ??نيا جي گڏيل مفادن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌايو آهي. هن چيو ته تنظيم عالمي ??من ۽ سلامتي، تهذيب، ثقافت ۽ مذهب?? جي وچ ۾ افهام تفهيم ۽ مڪالمي کي فروغ ڏيڻ ۽ امن، انصاف ۽ گڏيل احترام جي عظيم اسلامي قدرن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان مسلمان ملڪن تي زور ڏنو ته اهي امن، انصاف ۽ گڏيل احترام کي فروغ ڏين. مسلمان دنيا کي درپيش مسئلن جو پاڻ حل ڳوليون. هن چيو ته ڀارت جي ڄمون ۽ ڪشمير تي ا?? جي سڃاڻپ کسڻ، ا?? جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ ۽ اتا?? جي ماڻهن تي وحشياڻو ظلم ڪري ان تي حتمي ??ل مڙهڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن زور ڏئي چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل تي ٻڌل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، نئين دهلي کي گهرجي ته هو پاڪستان ۽ ڪشميرين سان مخلصاڻي ۽ نتيجاخيز ڳالهي?? جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪري ۽ والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي هڪطرفي قدمن بشمول آبادي جي تناسب ۾ تبديلين جا قدم واپس وٺي ۽ انساني حق?? جي سنگين ۽ وسيع پئماني تي خلاف ورزين کي روڪي. هن چيو ته 40 سالن کانپوءِ افغانستان ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي بحالي جو حقيقي موقعو مليو آهي. اسان کي افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ انساني حقن، خاص طور تي عورت?? جي حقن کي فروغ ڏيڻ ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي خطري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي لاءِ افغان عملدارن سان فعال طور تي مشغول ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته شام، ليبيا ۽ يم?? جي تڪرارن کي لاڳاپيل اسلامي ملڪ?? جي تعاو?? جي ذريعي حل ڪرڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته جڏهن به مسلمان ملڪ?? جي وچ ۾ يا غيرمسلم ملڪن يا ادار?? جي وچ ۾ تڪرار پيدا ٿئي ٿو ته او آءِ سي کي ڳالهه ٻولهه ذريعي تڪرار?? جي حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو امن ۽ سلامتي جو ڍانچو قائم ڪرڻ تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي. مجموعي طور تي مسلمان دنيا انساني ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. اسان کي انهن خصوصيتن مان فائدو کڻڻ ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ جي مقصد سان بهتر هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اقتصادي ۽ و??پا??ي شعبن ۾ گڏيل قدم وڌيڪ سياسي هم آهنگي ۽ يڪجهتي طرف هڪ اهم قدم هوندو. وزيراعظم چيو ته ڪوويڊ 19 وبائي بيماري ۽ موسمياتي تبديلي اسا?? جي سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسلامي ملڪن کي ٻين اسرندڙ ملڪ?? جي لاءِ وبائي مرضن کان بحالي ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ مناسب وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ گهرجي. ان ۾ قرضن ۾ ريليف ۽ نئين سر تنظيم سازي، 0.7 سيڪڙو سرڪاري ترقياتي امداد جا هدف مڪمل ڪرڻ، نئين خصوصي ڊرائنگ رائٽس ۾ غيراستعمال ٿيل 400 بلين ڊالر جي ٻيهر ورڇ، گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن پاران وڏن قرضن، پائيدار انفراسٽرڪچر ۾ وڏي پئماني تي سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۽ موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 بلين ڊالر کان وڌيڪ جي موبلائيزيشن شامل آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انهن کي عالمي ماليات، و??پا?? ۽ ٽيڪس جي ڍانچي ۾ منصفاڻي ۽ برابر سلوڪ جو پڻ مطالبو ڪرڻ گهرجي، اسان کي دليري سان پنهنجي ملڪن مان هر سال اربين ڊالر جي بدعنواني، دوکيبازي، ٽيڪس چوري ۽ ٽيڪس کان بچڻ جي ذريعي ”محفوظ پناهگاهن“ طرف منتقلي کي روڪڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته او آءِ سي ملڪن کي مستقبل جي علم تي ٻڌل، ٺوس ۽ ڊيجيٽل عالمي معيشت جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، و??پا?? ۽ و??پا??ي رجحانن جو مطالعو ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي ”ڪميشن فار دي فيوچر“ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني. وزيراعظم عمران خان چيو ته انهن کي اولهه ۽ اوڀر جي سمورن ملڪن ۽ گروپن سان اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ اسان کي اسلامي ??رقياتي بئنڪ ۽ او آءِ سي جي ٻين ادارن کي استعمال ڪندي اسلامي ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي تڪميل جو فائدو کڻڻ گهرجي. هڪ خصوصي ماهر ٽاسڪ فورس او آءِ سي جي ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي، مالياتي، و??پا??ي ۽ ٽيڪنالاجي تعاو?? جي لاءِ منصوبو تيار ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته اسا?? جي عقيدي اسلام جي لاءِ عالمي ??حترام کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ هر جڳهه تي مسلمانن کي تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته اسان کي اسلام، پنهنجي مقدس ڪتاب يا اسا?? جي نبي ڪريم ﷺ جي توهين يا تضحي?? تي سختي سان اعتراض اٿارڻ گهرجي. وزيراعظم افسوس جو اظهار ڪيو ته اسلامو فوبيا جو بدترين اظهار ڀارت کي خصوصي طور تي هندو رياست ۾ تبديل ڪرڻ جي سرڪاري طور تي منظور ٿيل مهم آهي. ڀارت ۾ مسلمان?? جي نسل ڪشي جو خطرو آهي. هن گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي پاران او آءِ سي ملڪن سان پاڪستا?? جي تجويز ڪيل قرارداد?? جي منظوري تي پڻ پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. وزيراعظم پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسان پل جو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، سمورن مذهبن ۽ عقيد?? جي احترام کي فروغ ڏينداسين ۽ تهذيب?? جي وچ ۾ عالمي مڪالمي کي اڳتي وڌائيندا رهنداسين ته جيئن پرامن گڏيل بقاءَ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏئي سگهجي. هن باني پاڪستا?? جي ويزن کي پورو ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ان کي هڪ جديد، جمهوري، اسلامي فلاحي رياست ۾ تبديل ڪيو وڃي جيڪا مديني جي رياست جي طرز تي رسول الله ﷺ جي ارشادن تي عمل پيرا ٿئي.
اسلامي ملڪن کي نئين حقيقتن جي ڏس ۾ احتياط سان اڀرندڙ نئين عالمي نظام ۾ پنهنجا انفرادي ۽ اجتماعي مقصد حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ گهرجي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ