پشاور – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور پهتو جتي هن ملڪ سعد شهيد پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ايل آر ايڇ پهچڻ تي نگران وڏي وزير اعظم خان، وزيراعظم جي سياسي مع??ملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مق??م، آءِ جي پوليس مع??م جاه انصاري وزيراعظم جو استقبال ڪيو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب ۽ صوبائي حڪومت جا ٻيا عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ مو??ود هئا. وزيراعظم ايل آر ايڇ جي مختلف وارڊز جو دورو ڪيو ۽ زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار