اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ ج?? ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻا پوندا، قازقستان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وڌ کان وڌ سهولتون فر??هم ڪيون وينديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار قازقستان ۾ پاڪستان جي نامزد سفير نعمان بشير ڀٽي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چ??و ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي ??عب?? ۾ تعاون وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي صلاحيت موجوده سطح کان وڌيڪ آهي. صدر چ??و ته پاڪستان قازقستان سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. قازقستان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وڌ کان وڌ سهولتون فر??هم ڪيون وڃن. زراعت ۽ زرعي مصنوعات جي ??عب?? ۾ واپار جي صلاحيت کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي. هن چ??و ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. صدر چ??و ته پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن سان پائيدار ۽ بامعنيٰ لاڳاپن جو خواهشمند آهي. وچ ايشيائي ملڪن سان رابطا وڌائڻ پاڪستان جي خطي پاران پاليسي جو ??هم حصو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي قازقستان سان عوامي لاڳاپن ۾ اضافي ج?? ضرورت تي زور ڏنو ۽ چ??و ته اعليٰ تعليم جي ??عب?? ۾ جوائنٽ ڊگريون ۽ وفدن جي مٽاسٽا ج?? ضرورت آهي. صدر چ??و ته پاڪستان جي ورچوئل يونيورسٽي آن لائين تعليم جي سهولت فر??هم ڪري ٿي. قازقستان جا شاگرد ورچوئل يونيورسٽي جي آن لائين تعليم جي سهولت م??ن فائدو کڻي سگهن ٿا. 8 هزار جي لڳ ڀڳ غيرملڪي شاگرد يونيورسٽي جي ورچوئل تعليمي پروگرام م??ن فائدو کڻي رهيا آهن. صدر چ??و ته نامزد سفير ٻوڏ دوران پاڪستان جي امداد تي قازقستان جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورا مڃي ٿو. نامزد سفير ڀارت جي مسلمانن ۽ اقليت مخالف پاليسين تي به آواز اُٿاري. صدر نامزد سفير کي چ??و ته هو ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪري.
پاڪستان ۽ قازقستان کي واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻا پوندا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن