اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزاد?? جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ن ڊاڪٽر عافيه صديق?? جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. هن وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي حڪومت پار??ن ڊاڪٽر عافيه جي ڀلائ?? جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ درخواست ڪئي ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزاد?? جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌائي. وزيراعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي پاڪستان ح??ومت پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزاد?? جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڊاڪٽر عافيه جي لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر فوزيه جي ڪيترن ئي سالن کان اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو ۽ ڊاڪٽر عافيه جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف به ڊاڪٽر عافيه جي آزاد?? جي لاءِ ڀرپ??ر ڪوشش ڪئي هئي.
وزيراعظم پاران پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت جي خبر وٺڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی