اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن، عورتن ۽ آبادگارن جي ترقي جا انقلابي پروگرام بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ??ڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بجيٽ 24 – 2023ع ۾ نوجوانن، عورتن ۽ زرعي ٽيوب ويلز بابت خصوصي منصوبن جي لاءِ رقم رکي ويندي، نوجوانن کي بنا وياج جي قرض ملندا، تعليم ۽ اسپورٽس انڊوم??ٽ فنڊ ٺاهيا ويندا. پنجاب انڊوم??ٽ فنڊ جي طرز تي ”تعليم بابت پاڪستان انڊوم??ٽ فنڊ“ قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني و??ي اهي، ان فنڊ سان سڄي ملڪ جي ذهين پر غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي و??يفا ڏنا ويندا. نوجوانن کي ننڍا قرض ڏيڻ جي و??يراعظم يوٿ پروگرام جي لاءِ وڏي رقم رکي و??ي آهي. نوجوانن کي آ??ِ ٽي سميت مختلف هنر سيکارڻ جي لاءِ وسيلا بجيٽ ۾ رکيا ويا آهن. نوجوانن کي هڪ لک مفت ليپ ٽاپ جي فراهمي جي لاءِ رقم پڻ بجيٽ ۾ رکي و??ي آهي. آ??ِ ٽي جي شعبي ۾ نئون ڪاروبار شروع ڪندڙ نوجوانن جي مالي مدد ڪئي ويندي. نوجوانن کي راندين جي ميدان ۾ آڻڻ ۽ اسپورٽس سرگرمين جي حوصلا افزائي جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. عورتن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي پروگرام جي لاءِ رقم رکي و??ي آهي. زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي پروگرام جي پڻ منظوري ڏني و??ي آهي، زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي و??يراعظم جي آبادگار پئڪيج جي ٻئي حصي طور ڪئي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن، عورتن ۽ آبادگارن جي ترقي جا انقلابي پروگرام بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق