اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سوئيٽ هو??ز کي ٽرانسپورٽ وينز عطيو ڪيون. وزيراعظم ٽرانسپورٽ وينز جون چاٻيون پاڪستان سوئيٽ هومز جي چيئرپرسن زمر?? خان جي حوالي ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان سوئيٽ هومز ڪيڊٽ ??اليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن سان ڳالهائيندي چيو ته زمر?? خان جيڪو ذمو کنيو آهي الله تعاليٰ ان کي ان جو اجر عطا فرمائي. هن ٻارن کي چيو ته اهي محنت سان تعليم حاصل ڪن ۽ قوم جا عظيم معمار بڻجن، توهان پاڪستان جو مستقبل آهيو. ان موقعي تي زمر?? خان وزيراعظم جا ٿورا م??يا. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم پاران پاڪستان سوئيٽ هو??ز کي 4 گاڏيون عطيو ڪيون ويون جن جي ماليت 6 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن سان گڏ وين ۾ سوار ٿي ٻارن جي حوصلا افزائي ڪئي. هن ٻارن کي چيو ته اهي تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن، انجنيئرز، ڊاڪٽرز، سائنسدان، ز??عي ۽ آءِ ٽي جا ماهر بڻجن ۽ پاڪستان جي خدمت ڪن، اسان کي گڏجي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي. ان موقعي تي ٻارن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، ٻارن پاڪستان ۽ وزيراعظم زندهه آباد جا نعرا هنيا.
وزيراعظم پاران پاڪستان سوئيٽ هومز کي ٽرانسپورٽ وينز جو عطيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج