اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان يونان جي سمنڊ ڪناري ويجهو ٻيڙي ٻڏڻ جي افسوسناڪ واقعي تي فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ ٻين متاثرين سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا، لاشن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون جاري رهنديون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مم??از زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان واقعي ۾ ڪيترن ئ?? پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي، اسان جون دليون سمورن متاثري?? ۽ ??نهن جي گه??ڀاتين سان گڏ آهن. ترجمان چيو ته اسان ميڊيا کي ان حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو آهي. 104 زندهه بچي ويندڙن ۾ 12 پاڪستاني شهري به شامل آه?? ۽ ??هي سٺي حالت ۾ آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان مارجي ويل ۽ گم ٿي ويل پاڪستانين جي شهرين جي انگ ۽ سڃاڻپ جي تصديق ڪرڻ کان قاصر رهيا آهيون. يوناني عملدارن 84 لاش درآمد ڪيا آهن، انهن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ميچنگ جي ذريعي ٿيندي. ترجمان چيو ته لاڳاپيل عملدار جهاز ۾ موجود شڪي ماڻهن جي گه??ڀاتين کان ڊي اين اي جا نمونا گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آه?? ۽ ??هي يوناني عملدارن کي ڏيندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته يونان ۾ پاڪستاني مشن ۾ سفير عمار آفتاب ۽ ان جي ٽيم گم ٿي ويل يا فوت ٿيندڙ پاڪستان جي شهرين جي ڳولا ۽ انهن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي يوناني هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا، لاشن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. ترجمان چيو ته ان ڏس ۾ اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.
پرڏيهي آفيس پاران ٻيڙي ٻڏڻ جي افسوسناڪ واقعي تي فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ ٻين متاثرين سان همدرديءَ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea