اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اطلاع??ت ۽ نشريات واري وزارت کي ”اڊاپٽ اي فيملي پروگرام“ جهڙن منصوبن بابت آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هي پروگرام غربت جي خاتمي لاءِ موثر متبادل حڪمت عملي هجڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، سماجي ڀلائي جي منصوبن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وسيع ڊ??ٽابيس انتهائي ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ۽ اخوت فائونڊيشن جي باني ڊاڪٽر امجد ثاقب ۽ دنيا فائونڊيشن جي چيف ايگ??يڪ??وٽو آفيسر ميان عامر محمود ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران و??يراعظم کي دنيا فائونڊيشن ۽ اخوت فائونڊيشن جي گڏيل حصيداري سان ٿيندڙ ”اڊاپٽ اي فيملي پروگرام“ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. نگران و??يراعظم چيو ته اڊاپٽ اي فيملي پروگرام غربت جي خاتمي لاءِ موثر متبادل حڪمت عملي هجڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. نگران و??يراعظم اطلاع??ت ۽ نشريات واري وزارت کي ”اڊاپٽ اي فيملي پروگرام“ جهڙن منصوبن بابت آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي. نگران و??يراعظم چيو ته ماڻهن ۾ سماجي ڀلائي جي منصوبن بابت آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ انتهائي اهم آهي، سماجي ڀلائي جي منصوبن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وسيع ڊ??ٽابيس انتهائي ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
نگران وزيراعظم پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي اڊاپٽ اي فيملي پروگرام بابت آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ