رياض – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (اڄ) آچر تي رياض ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي اڄ کان شروع ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم عالمي صحت جي ايجنڊا جي حو??لي سان هڪ سيشن ۾ خيالن جو اظهار پڻ ڪندو. عالمي اقتصادي فورم جي سائيڊ لائنز تي اڄ وزيراعظم جي ڪويت جي امير مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي سعودي ناڻي، صنعت، سيڙپڪاري وارن وزيرن سان ملاقاتون متوقع آهن. وزيراعظم جي بل اينڊ ميلنيڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرم??ن، عالمي مالياتي فنڊ جي منيجنگ ??ائريڪٽر ۽ اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر سان پڻ ملاقات ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن