بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪ??له?? سومر ڏينهن چين جي دوري جي موقعي تي بيجنگ ۾ گيزوبا گروپ جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي. گيزوبا گروپ انرجي چائنا جو ذيلي ادارو آهي جيڪو پاڪستان ?? بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪندڙ چين جي ناليواري ڪمپني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم شانگلا ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي چيئرمين سان تعزيت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا هئا. هن ان ڪڌي حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ پاڪستان ?? چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ گيزوبا گروپ جي تعاون جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم ان ڳ??له?? تي زور ڏنو ته پاڪستان کي قابل تجديد ۽ هائيڊل سيڪٽر ۾ ??نه??جي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ گيزوبا گروپ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سي پيڪ جي فيز 2 تحت پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي فراخدلي سان مراعتن جي آڇ ڪئي آهي جنهن کي گيزوبا گروپ پاڪستان ?? ??نه??جي ڪاروباري مقصدن کي وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. گيزوبا گروپ جي چيئرمين پاڪستان ?? چيني شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ?? ??نه??جي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪندي ۽ تعاون جي نئين شعبن ۾ آپريشنز کي وڌيڪ سگهه ڏيندي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي گيزوبا گروپ جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania