اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آه?? ته حڪومت ڊيجيٽل ميڊيا اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان هڪطرفي قانونسازي جو ڪو ارادو نٿي رکي، ان معاملي تي سمورين صحافتي تنظيمن ۽ پري?? ڪلبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اها ڳالهه هن نيشنل پري?? ڪلب اسلام آباد جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم جلد شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته نيشنل پري?? ڪلب جي مستقل بلڊنگ جي تعمير ۽ موجوده بلڊنگ جي بهتري جي لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا، اين پي سي جي لاءِ سالياني گرانٽ جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو ويندو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت نيشنل پري?? ڪلب جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آه??. هن چيو ته حڪومت پري?? ڪلب کي مستقل گرانٽ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي، ناڻي واري وزير سان ملاقات ڪري مالي بجيٽ ۾ پري?? ڪلب جي لاءِ سالياني گرانٽ مخصوص ڪرائڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ان موقعي تي نيشنل پري?? ڪلب جي صدر اظهر جتوئي چيو ته حڪومت پري?? ڪلب جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري، صحافين کي موجوده دور ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آه??. نيشنل پري?? ڪلب جي وقتي سيڪريٽري عون شيرازي چيو ته راولپنڊي اسلام آباد جي صحافتي ڪميونٽي جي لاءِ ميڊيا ٽائون فيز ٽو تمام ضروري آه??. هن چيو ته سرڪاري اشتهارن کي ورڪرز ج?? پگهار?? سان مشروط ڪرڻ اهم قدم هوندو. وفد ۾صدر اظهر جتوئي، وقتي سيڪريٽري عون شيرازي، سيڪريٽري فنانس وقار عباسي ?? گورننگ باڊي جا ميمبر شامل هئا. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هو.
حڪومت ڊيجيٽل ميڊيا اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان هڪطرفي قانونسازي جو ڪو ارادو نٿي رکي، ان معاملي تي سمورين صحافتي تنظيمن ۽ پريس ڪلبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن