اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري برطانيا جي نئين چونڊيل وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان نئين حڪومت سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته آئون ڪيئر اسٽارمر کي برطانيا جي چونڊن ۾ فتح تي مبارڪباد ڏيان ٿو. صدر آصف عل?? زرداري چيو ته مون کي اميد آهي ته برطانوي وزيراعظم دنيا کي درپيش گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان