اسلام آباد -02 س??پٽ??بر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي ??زي?? راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪرڻ جو ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي نئين سر جوڙجڪ جي مختلف آپشنز تي ڪم ٿي رهيو آهي، اهڙن خيالن ج?? ??ظه??ر هن گذريل ڏينهن يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ۽ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي ??زي?? چيو ته شفافيت آڻڻ لاءِ سبسڊي جو نئون طريقيڪار واضح ڪيو پيو وڃي. يو ايس سي بند ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪو به هڪ طرفو قدم نه کنيو ويندو. هن چيو ته سمورا فيصلا ملازمن سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٿيندا ۽ سرڪاري ملازمن جي مفادن ج?? تحفظ ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون