اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري??َ جي 36هين سالگره 21 سيپٽمبر ڇنڇر ڏينهن ملهائي ويندي، سڄي ملڪ ۾ سالگره تقريبون منعقد ڪيون وينديون جڏهن ??ه پارٽي وومن ونگ پنجاب جي انتظام هيٺ لاهور ۾ مرڪزي تقريب پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيندي جنهن ??ي خاص مهمان پ پ اڳواڻ ثمينه خالد گهرڪي هوندي. ان ??وا??ي سان پ پ پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال پ پ سينٽرل پنجاب جون سموريون تنظيمون بلاول ڀٽو زرداري??َ جي 36هين سالگره مختلف انداز ۾ ملهائينديون. هن چيو ته هر ضلعي تنظيم پنهنجي ضلعي جي ي??يم خاني ۾ هڪ پروگرام منعقد ڪندي جنهن ۾ پارٽي??َ جي ٽڪيٽ هولڊرن سميت سمورين ونگز جا عهديدار شرڪت ڪندا ۽ معصوم ٻارن ۾ بلاول ڀٽو زرداري طرفان تحفا پيش ڪيا ويندا.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون