نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي ڌيان جو م??ور آهي، مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن، مالياتي خساري تي ضابطو آندو آهي، مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئي آهي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال مارچ ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي ??لڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي اسان جي ڌيان جو م??ور رهي آهي، اسان مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن جن اسان جي ??عيشت کي ڪِرڻ کان بچايو آهي، اسان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي بحال ڪيو، مالياتي خساري تي ضابطو آندو، پنهنجي ذخيرن کي سگهه ڏني جنهن جي ??تيجي ۾ مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئي آهي. هن چيو ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي موجود اسان پنهنجي ??اڻهن جي ??اءِ هڪ جهڙي طور تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪرڻ جي ??اءِ جاگرافيائي معاشي ۽ علائقائي رابطن کي ترجيح ڏني آهي، شاندار چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ??ئي مرحلي جي ڪاميابي سان شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته خصوصي سي??پڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي اسان مستحڪم انفراسٽرڪچر، قابل تجديد توانائي، معدنيات، پائيدار زراعت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون، اها ترقي ۽ جديديت جي ??ڪ نئين دور جي شروعات هوندي.
عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي ڌيان جو محور آهي، مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی