اسلام آباد-08 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي هدايت تي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪاسڪيڊ جي نالي سان جديد ترين خدمت مرڪز قائم ڪيو ويو جتي سفارتي برادري ۽ پرڏيهي شهرين کي 12 خدمتون هڪ ڇت هيٺيان ملنديون. وفاقي وزير محسن نقوي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ سفارتڪارن جي ??هو??ت لاءِ قائم ڪاسڪيڊ خدمت مرڪز جو باقاعده افتتاح ڪيو. ان سينٽر ۾ ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ ۽ ان جي تجديد، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس تصديق، گمشدگي جي رپورٽ، ڪرائيدارن جي رجسٽريشن جي ??هو??ت خدمت مرڪز ۾ دستياب هوندي. پرڏيهين جي رجسٽريشن، گه??يل?? ملازمن جي رجسٽريشن، رضاڪارن جي رجسٽريشن، گاڏين جي تصديق ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. گهرو معاملن واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب سفيرن ۽ پرڏيهين جي ??هو??ت ۽ حفاظت لاءِ هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻائي ره??ا آهيون، اهو مرڪز سفارتي برادري ۽ سمورن مهمانن لاءِ سيڪيورٽي ۽ خدمتن جي فراهمي جي اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. خدمت مرڪز ۾ سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين کي سموريون ??هو??تون هڪ ڇت هيٺيان ملنديون. هن چيو ته ڊپلوميٽڪ انڪليو سميت پوري گادي واري هنڌ کي خوبصورت بڻائڻ اسان جو مشن آهي، خدمت مرڪز جي قيام سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سفارتڪارن وچ ۾ رابطا ۽ گڏيل تعاون و??يڪ مضبوط ٿيندو. هن چيو ته 1500 کان و??يڪ پوليس ۽ ايف سي اهلڪار ۽ 20 پوليس گاڏيون ڊپلوميٽڪ انڪليو جي سيڪيورٽي تي مقرر آهن. وفاقي وزير محسن نقوي سفارتڪارن سان گڏجي ڪاسڪيڊ خدمت مرڪز جو دورو پڻ ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي پوليس خدمت مرڪز جي مختلف ڪائونٽرز جو معائنو ڪيو ۽ ??هو??تن جو جائزو ورتو. آءِ جي اسلام آباد پوليس پرڏيهي شهرين کي فراهم ڪيل سمورين ??هو??تن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. تقريب ۾ شريڪ سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ڪاسڪيڊ خدمت مرڪز جي قيام تي گهرو وزير جي ٿورو مڃيو، تقريب ۾ سفارتڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، وفاقي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد پوليس، ڊي سي اسلام آباد ۽ اسلام آباد پوليس جا سينئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
گهرو وزير جي هدايت تي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ڪاسڪيڊ جي نالي سان جديد ترين خدمت مرڪز قائم، سفيرن ۽ پرڏيهي شهرين کي 12 خدمتون هڪ ڇت هيٺيان ملنديون
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ