اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف متني ضلعي پ??اور، ب??زئ?? ضلعي مهمند ۽ ضلعي ڪرڪ ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سا??اهيندي چيو آهي ته فتنه الخوارج جي ملڪ جي امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعظم آفيس جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران 19 خارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي سا??اهيو. وزيراعظم آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن لانس حوالدار عباس علي، نائيڪ محمد نذير ۽ نائيڪ محمد عثمان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته فتنه الخوارج جي ملڪ جي امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته مون سميت پوري قوم سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي، سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ جوان پنهنجي جان جي پ??واهه ڪرڻ کانسواءِ پاڪ وطن کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي بقاءَ جي ??اط?? سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جون لازوال قربانيون آهن، مون سميت پوري قوم دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ