بغداد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) عراق ۾ شادي جي تقريب دوران باهه لڳڻ جي واقعي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 100 کان وڌيل ڄاڃي فوت ۽ 150 کان وڌيڪ زخ???? ٿي پيا آهن، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق عراق جي اترئين صوبي نينوي جي ضلعي همدانيه ۾ شادي تقريب ۾ باهه لڳڻ سبب گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 100 کان وڌيڪ ڄاڃي فوت ٿي ويا آهن ??ڏهن ??ه 150 کان وڌيڪ زخ???? ٿيا آهن . 113 فوتين جي تصديق نينوي صوبي جي گورنر ڪري ڇڏي آهي. سرڪاري ميڊيا فوتين جو انگ 100 جڏهن ??ه زخ??ين جو انگ 150 ٻڌايو آهي. سرڪاري ميڊيا مطابق مقامي شهري دفاع جو چوڻ آهي ته تقريب ۾ ??شن دوران ٿيل آتشبازي سبب ايونٽ هال ۾ باهه لڳي وئي جڏهن ??ه باهه سبب هال جو ڪجهه حصو ڪري پيو.باهه لڳڻ بعد ڪيترائي ماڻهو هال مان ٻاهر نڪرڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويا ۽ ڪجهه اتي ڦاسي پيا جڏهن ??ه جيڪي ڄاڃي شادي هال مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا انهن ??ي حالت پڻ خراب هئي. سرڪاري اختيارين مطابق حادثي بعد ايمبوليسز ۽ طبي عملي کي فوري طور تي اوڏانهن ??ماڻيو ويو. عراق جي وزير اعظم جي آفيس سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته وزير اعظم اختيارين کي متاثر ماڻهن کي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. علائقي جي گورنر ٻڌايو ته زخ??ين کي نينوي جي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتين ۽ زخ??ين جو انگ حتمي ناهي ۽ ان جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي. حادثي بعد همدانيه جي مرڪزي اسپتال ۾ ڪيترا ئي ماڻهو زخ??ين لاءِ رت جو عطيو ڏيڻ پهچي ويا.
عراق ۾ شادي تقريب دوران باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 113 ڄڻا فوت، 150 زخمي
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا