گڏيل قومون -07 نومبر (اي پي پي) اسرائيل فلسطين تڪرار کي حل ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي 9 نومبر تي ٿيندو. روس جي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن ۾ گڏيل عرب امارات جي مستقل نمائندي ۽ سفير چيو آهي، ته هن اجلاس ۾ (جنهن جي صدارت چين ڪري رهيو آهي) سلام??ي ڪائونسل جا سمورا 15 ميمبر وچ اوڀر جي تڪرار جي حل جي دستاويزن تي مشاورت ۾ حصو وٺندا جن کي تنظيم جي 10 غير مستقل ميمبر ملڪن تجويز ڪيو هو. واضح رهي ته گذريل مهيني گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل فلسطين اسرائيل تڪرار تي ٺهراءَ جي 4 مسودن مان ڪنهن کي به منظور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جي 10 غير مستقل ميمبرن پنهنجي دستاويز جو مسودو تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳوڻن ٺهرائن جي مسودن جي شقن ??ي شامل ڪرڻ جي اميد آهي. واضح رهي ت?? 7 آڪٽوبر کان جاري حماس اسرائيل جن ۾ 9 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ هزارين زخمي ٿي چڪا آهن جنهن ۾ وڏي اڪثريت معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جي آهي.
اسرائيل فلسطين تڪرار بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک