گڏيل قومون-11 ڊسمبر (اي پي پي) غزه ۾ شهري آبادي جي سنگين صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جو خصوصي اج??اس اڄ اڱاري تي منجهند جو ٿيندو. جنرل اس??مبلي جي صدر ڊينس فرانسس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اس??مبلي ۾ اج??اس اڱاري تي نيويارڪ جي وقت مطابق منهجند 03 وڳي ٿيندو. ميمبر ملڪن ڏانهن لکيل خط ۾ صدر ڊينس فرانسس چيو آهي ته هي اج??اس مصر، موريطانيا، عرب گروپ جي سربراهن ۽ اس??امي سهڪار تنظيم جي گذارش تي سڏايو ويو آهي.هن چيو ته اج??اس جي درخواست ۾ مصر ۽ موريطانيا غزه پٽي ۾ فلسطيني شهري آبادي جي سنگين صورتحال جو حوالو ڏنو آهي. الجزيره جي رپورٽ مطابق ان کان اڳ گڏيل قومن لاءِ مصر جي مشن ٺهراءَ جي مسودي جو متن ميمبر ملڪن جي نمائندن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن لاءِ مصر جي نمائندي اسامه ع??دالخالق ايلس تي جاري پوسٽ ۾ چيو آهي ته اها خونريزي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. جنرل اس??مبلي جي ٺهراءَ جي مسودي ۾ سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءِ جهڙي ئي ??ول?? استعمال ڪئي وئي آهي جنهن کي آمريڪا جمعي تي ويٽو ڪري ڇڏيو هو ۽ ان تي اڄ اڱاري تي ووٽنگ جو امڪان آهي. 193 ميمبرن جي جنرل اس??مبلي 27 آڪٽوبر تي به انساني همدردي جي بنياد تي فوري ۽ مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪيو هو.
غزه صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل