گڏيل قومون-12 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته وڌيڪ پرامن، پائيدار ۽ منصفاڻي دنيا جي جوڙجڪ لاءِ تعليم جي شعبي ۾ عالمي سطح جي بحران جي حل لاءِ وڏي پئماني تي ??بد??لين جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن ٽرانسفارمنگ ايجوڪيشن تي منعقد خصوصي تقريب ۾ چئي، جيڪا جاري اعليٰ سطحي سياسي فورم (ايڇ ايل پي ايف) جو حصو آهي. ان تقريب ۾ گڏيل قومن جي سربراهه سمورن ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو سکڻ جي حقيقي ماحول جي جوڙجڪ لاءِ ٺوس ڪوششون ڪن جيڪي ٻار?? کي ننڍپڻ کان وٺي بالغ ٿيڻ تائين سکڻ جا موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته دنيا تعليمي نظام ۾ ڊگهي مدي واري ??بد??لي جي سٽ نٿي سهي سگهي. گڏيل قومن جي سربراهه چيو ته موجوده تعليمي نظام کي ??بد??ل ڪرڻ جا قدم نه کڻڻ جي صورت ۾ 2030ع تائين تقريبن 84 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر رهندا. ان جو مطلب آهي ته پائيدار ترقياتي هدفن جي چوٿين هدف (??يس ڊي جي 4) جنهن جو مقصد جامع ۽ هڪجهڙي معيار جي تعليم کي يقيني بڻائڻ ۽ سڀني لاءِ سڄي زندگي سکڻ جي موقع?? کي هٿي ڏيڻ آهي، تائين پهچڻ جو امڪان ناهي. في الحال دنيا ۾ صرف 16 يا 17 سيڪڙو ملڪ معياري تعليم تائين عالمي رسائي جي ??يس ڊي جي 4 هدف کي حاصل ڪرڻ تي اڳڀرائي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهو واقعي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سب صحارا آفريقا ۾ تقريبن 70 سيڪڙو ٻار 10 سالن جي عمر تائين ڪا تحرير به نٿا پڙهي سگهن. سيڪريٽري جنرل چيو ته م??ياري تعليم جي فراهمي لاءِ فراهم ڪيل مالي وسيلا به ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ناڪافي آهن، يونيسڪو 2023ع ۾ اندازو لڳايو ته اسرندڙ ملڪ?? کي ??يس ڊي جي 4 کي حاصل ڪرڻ لاءِ ساليانو 100 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي ضرورت هوندي ۽ جڏهن تعليم جي ڊجيٽل ??بد??لي جي خرچن تي غور ڪيو وڃي ته اها رقم تقريبن 50 سيڪڙو وڌ?? وڃي ٿي. هن چيو ته عالمي سطح تي هر 10 مان چار ماڻهو اهڙن ملڪن ۾ رهن ٿا جتي حڪومتون تعليم يا صحت بدران قرضن جي ادائيگين تي وڌيڪ خرچ ڪن ٿيون. هن چيو ته 2022ع ۾ ٽرانسفارمنگ ايجوڪيشن سمٽ ۾ 140 کان وڌيڪ ملڪن ان بحرا?? کي حل ڪرڻ جو عزم ڪيو پر ان حوالي سان اڳڀرائي گهڻي سست ۽ ناهموار آهي. سيڪريٽري جنرل تعليم بابت خصوصي ايونٽ ۾ عالمي تعليمي بحرا?? کي ختم ڪرڻ ۽ 2030ع تائين پائيدار ترقياتي هدفن جي چوٿين هدف (??يس ڊي جي 4) کي حاصل ڪرڻ طرف رفتار وڌائڻ لاءِ چار نڪاتي منصوبو بڻايو آهي.
تعليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سڀ کان وڌيڪ اهميت واري آهي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina