نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز ش??يف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران وزيراعظم ڪشمير جو مسئلو اٿاريو ۽ عالمي اداري جي سربراه?? کي والا??يل ڪشمير ۾ ڀارت جي هٿان معصوم شهرين جي مارجڻ جا ثبوت ڏنا جڏهن ت?? کيس رياستي دهشتگردي جي شڪار بي گناهه معصوم ماڻهن جون تصويرون ڏيکاريون. بان ڪي مون ڀارتي فورسز طرفان پيلٽ گنز جي استعمال واري ظلم ۽ بربريت جون تصويرون ڏسي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم والا??يل ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان بان ڪي مون جي بيان تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم گذ??يل 74 ڏينهن ۾ والا??يل ڪشمير ۾ 100 ماڻهن جي شهادت ۽ ان پيلٽ گنز جي بي رحماڻي استعمال کان آگاه?? ڪيو جنهن سبب سوين ماڻهو اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں