اسلام ??باد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??رڪ??ي اڳواڻ اسد عمر چيو ??هي ته موجوده ٽيڪس شرح ۾ ڪو اضافو نه ڪيو ويندو، سمورن ادارن جي سربراهن جون مقرريون ميرٽ تي ڪنداسين، ايندڙ 6 مهينن اندر عوام کي تبديلي ۽ بهتري نظر ايندي، ايل اين جي معاهدن سميت جنهن به معاهدا ڪيا سڀ عوام ??ڏو آڻينداسين، سوئس بئنڪن ۾ موجود 200 ارب ڊالرز جي معاملي جي جاچ ڪئي ويندي، قوم جو جيترو پئسو ٻاهرئين ملڪ پيو آهي، ا??ان کي هر حال ۾ واپس آڻڻو آهي، بدعنواني جي خاتمي جي حوالي ??ان پنهنج?? منشور موجب ڪم ڪنداسين. هن اها ڳالهه نجي ٽي وي چينل ??ان ڳالهائيندي چئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته معيشت جي موجوده صورتحال جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوي. هن چيو ته قوم جي ٽيڪس جي پئسي بابت حڪومت جوابده هوندي آهي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش