اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقتصادي مشاورتي ڪائونسل کي عوام تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بدران رليف فراهم ڪرڻ لاءِ آئوٽ آف باڪس حل تجويز ڪرڻ ۽ م??اش?? استحڪام ۽ پيداوار گروٿ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آ??ي. ??ن اها هدايت اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. وزيراعظم وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ سڀني ميمبرن کي اڪنامڪ ايڊو??ئي??ري ڪائونسل ۾ آجيان ڪندي ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ملڪي معيشت جي حوالي سان اهم معاملن تي تجويزون پيش ڪندڙ ان ڪائونسل کي مڪمل طور تي فعال هجڻ کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم چيو ته اڪنامڪ ايڊو??ئي??ري ڪائونسل جي قيام جو مقصد ملڪي معيشت کي پ??ئي??ار بنيادن تي هموار ڪرڻ جي حوالي سان ناليوارن م??اش?? ماهرن جي تجويزن مان فائدو وٺڻو آ??ي. ??زيراعظم م??اش?? مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته مشڪل م??اش?? حالتن جي پيش نظر عوام تي ٽيڪسن جو وڌيڪ بار وجهڻ بدران آڊٽ آف باڪس حل تجويز ڪيا وڃن ته جيئن ان سان جتي عوام کي رليف ميسر اچي اتي معيشت جي پ??ئي??ار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي ڪوششن جي ڪري ڪاروباري فضا بهتر ٿي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي، هن چيو ته حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش ره?? آهي ته بزنس ڪميونٽي جي مشاورت سان نه رڳو پاليسيون جوڙيون وڃن پر انهن پاليسين جو تسلسل يقيني بڻايو وڃي.
وزيراعظم پاران عوام تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بدران رليف فراهم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔