جده _ 27 نومبر (اي پي پي ) مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ مسلم علما جي تنظيم جي چيئر مين شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبد الڪريم العيسي چيو آهي ته دنيا کي نفرت جهڙن خطرن سان موثر طريقي سان بچائڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي . ميڊيا ئي نفرت انگيز تقرير ۽ خطرناڪ سرگرم?? تي اڪسائڻ جي رجحان ۾ اضافي جو مقابلو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي . ان خطرن ۾ امتيازي سلوڪ ۽ ڪجهه ماڻهن کي مرڪزي ڌاري کان ڪڍڻ خاص طورتي ذڪر جوڳو آهي جيڪو تڪرار ، ۽ تشدد جو سبب بڻجي ٿو جڏهن ته بنا روڪ ٽوڪ نفرت جي اظهار جي اجازت ڏيڻ کان وڌيڪ خطرناڪ ڪا شيءِ ناهي . اها صورتحال اهڙي خطرناڪ ڪلچر کي جوڙي ٿي ج??هن ۾ قومي ۽ عالمي سطح تي ??فرت پکڙجي ٿي ان ڪري هر هڪ کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته نفرت ڦهلائيندڙ تقريرن جو مقابلو ڪرڻ معاشري جي امن ۽ سلامتي جي تحفظ ۽ قومن ۽ ماڻهن وچ ۾ دوستي کي وڌائڻ جي بنيادي سبب مان هڪ آهي .ا??هن خيالن جو اظهار ” نفرت ۽ تشدد کي اڪسائڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار “ جي موضوع تي ??سلم ورلڊ ليگ جي اهتمام هيٺ 57 ملڪن تي ??ڌل او آئي سي نيوز ايجنسين ۽ ايشيا ، يورپ ۽ آمريڪا جي اهم ترين عالمي خابرو ادارن جي گڏيل فورم جي تقريب سان خطاب ۾ ڪيو . ان عالمي فورم جي شروعات آچر ڏي??هن تي سعودي عرب جي شهر جده ۾ ٿي ج??هن ۾ ڪيترن وزيرن ، اسلامي ۽ عالمي ميڊيا جي اڳواڻن ، سفيرن ، مذهبي دانشورن ۽ انساني حقن ج?? شخصيتن ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي .
دنيا کي نفرت ۽ تشدد جهڙن خطرن کان موثر طريقي سان بچائڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي ، مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل جو او آئي سي ۽ عالمي خابرو ادارن جي فورم سان خطاب
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار