بيجنگ-15 مارچ (اي پي پي) اتر چين جي صوبي شانزي ۾ ڪوئلي جي کاڻ جي زير زمين گودام ۾ ڦاٿل سمورن 7 پورهيتن جي فوتگي جي تصديق ڪئ?? وئي آهي. جمعي ڏينهن مقامي عملدارن موجب ڪوئلي جي صنعتي ڪارپوريشن جي ڪوئلي جي ڪيتايان زنگلانگ نالي کاڻ ۾ ريسڪيو آپريشن ختم ڪيو ويو. زانگيانگ ڪانٽي جي انتظاميه موجب کاڻ مان آخري ل??ش جمعي جي صبح تقريبن ساڍا 6 وڳي ڪڍيو ويو. کاڻ جي سربراهه ??ڌا??و ته زير زمين گودام ۾ حادثو گذريل سومر جي رات جو ??ن وقت پيش آيو جڏهن پورهيت ڪوئلي جي خراب فيڊر جي مرمت ڪري رهيا هئا، ان وقت اتي 7 پورهيت موجود هئا جڏهن ته ڪوئلي جو ??ير زمين گودام ڪرڻ سبب پاڻي جي ل??ئين ڦاٽي پئي ۽ حادثي و??ري هنڌ پاڻي ڀرجي ويو جنهن سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي درپيش رهي.
مضمون کا ماخذ : sorteios quina