واشنگٽن -23 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي، ته صدارتي اليڪشن جي ڊوڙ مان سندس هٿ کڻڻ وارو فيصلو درست آهي، هن پنهنجي حامين تي زور ڀريو ته هو صدارتي چونڊن لاءِ نائب صدر ڪملا هيرس جي صدارتي اميدوار طور ??ام??دگي جي حماي?? ڪن. العربيه اردو مطابق آمريڪي صدر گذريل ڏينهن پنهنجي چونڊ مهم جي ٽيم سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ چيو ته هو پنهنجي ٽيم کي چوڻ چاهي ٿو ته هو ڪملا هيرس کي حماي?? ڪن ڇو ته هوءَ بهترين اميدوار آهي. هن صدارتي ڊوڙ مان پنهنجي هٿ کڻڻ واري فيصلي تي تبصرو ڪندي چيو ته هو سمجهي ٿو ته هي خبر اوچتي هئي ۽ ا?? کي ٻڌي اوها?? کي عجيب لڳو پر هي فيصلو درست آهي. هن ان عزم جو به اظهار ڪيو ته سندس صدار??ي مدي جي آخري مهينن دوران غزه ۾ جنگ ختم ڪرائڻ، وچ اوڀر ۾ ام?? کي يقيني بڻائڻ ۽ سمورن قيدين جي سندن ملڪن ڏانهن واپسي لاءِ ڪم جاري رهندو. جڏهن ته آمريڪي نمائندن واري ايوان جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ ڊيمو ڪريٽڪ اڳواڻ نينسي پلوسيءَ نائب صدر ڪملا هيرس کي صدارتي اميدوار طور ??ام??د ڪرڻ جي حماي?? ڪندي چيو آهي ته هو صدر جوبائيڊن جي جاءِ تي ڊيمو ڪريٽڪ صدارتي اميدوار طور ٻيهر پنهنجي چونڊ مهم شروع ڪري، هڪ بيان ۾ نينسي پلوسيءَ چيو ته اڄ اسان جي ملڪ جي مستقبل لاءِ وڏي فخر ۽ بي پناهه اميد سان گڏ آئُون نائب صدر ڪملا هيرس جي صدارتي اميدوار طور تائيد ڪريان ٿي. ڪملا هيرس سياست ۾ هڪ عورت طور تمام گهڻي هوشيار آهي ۽ مو?? کي پورو يقين آهي ته هوءَ نومبر ۾ اسا?? کي فتح ڏياريندي.
آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران ڪملا هيرس جي حمايت تي زور، نينسي پلوسيءَ پاران ڪملا هيرس جي حمايت
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا