اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن خطي کي امن ۽ خوشحا??ي جو گهوارو بڻائڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو آهي، اسان اجتماعي طور تي اڌ ارب کان وڌيڪ آبادي رکندڙ پنهنجي خطي ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ گ??جي ڪم ڪرڻ جو ??زم ڪيو آهي، هو اقتصادي تعاون تنظيم ج?? سيڪريٽري جنرل حليل ابراهيم ڪڪا سان گڏ ا?? سي او سربراهه اجلاس جي پڄاڻي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن پرامن خطي جي لاءِ انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف اجتماعي ڪوششن جو به ??زم ڪيو آهي، محمد نواز شريف چيو ته هي خطو سدائين ثقافتن ۽ تصورن جي مٽاسٽا جي لاءِ گذرگاهه رهيو آهي، هن چيو ته سربراهه اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن ا?? سي او جي گورننگ باڊيز کي هدايت ڪئي ته هو سربراهه اجلاس جي موضوع ”خطي جي خوشحا??ي جي لاءِ رابطا“ کي نظر ۾ رکندي گهڻ رخي رابطن کي فروغ ڏين.
تنظيم جي ميمبر ملڪن امن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ