اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تن??يم کي علائقائي امن جي لاءِ هڪ اهم فريم ور?? سمجهي ٿو هن علائقائي امن ۽ سلامتي ??ي تحفظ جي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، ان فورم سان ميمبر ملڪن سان موقف جي مٽاسٽا ۽ قابل عمل ۽ ٺوس تعاون کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو. بيجنگ کان شنگهائي تعاون تن??يم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اوڀر ساحلي شهر چنگ ڊائو روانگي کان اڳ چيني ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته شنگهائي تعاون تن??يم خطي جي مختلف شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏنو آهي، تن??يم ۾ پاڪستان جا وڏا ترقياتي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرز شامل آهن، ان سان اسان کي ان اهم ملڪن سان موقف جي مٽاسٽا ۽ قابل عمل ۽ ٺوس تعاون کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری