وادي تيراه خيبر – 02 مئي (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان خميس ڏينهن خيبر ضلعي جي وادي تيراه جو دورو ڪيو ۽ تيراه ۾ جاري اسپورٽس گالا جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، عسڪريت پسندن هڪ وقت ان علائقي کي نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو هو، تيراه هڪ مشڪل علائقو آهي جيڪو دهشتگردن جو ڳڙهه رهيو آهي، عمران خان پهريون زويراعظم آهي جنهن علائقي جو درو ڪيو، ان کان اڳ ماضي ?? ڪنهن سينئر سرڪاري عهديدار ۽ سياسي شخصيت ان علائقي جو دورو ناهي ڪيو. علائقي ۾ وز??راعظم جي دوري کانسواءِ اسپورٽس گالا جو انعقاد ان ڳالهه جو ثبوت آ??ي ته ان علائقي ۾ امن بحال ٿيو آهي، ماضي ?? اهو علائقو دهشتگردي سبب سخت متاثر رهيو جنهن کي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کان پاڪ ڪيو. وز??راعظم عمران خان پڄاڻي واري تقريب جو خاص مهمان هو.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا