اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان عوامي جمهوريه بنگلاديش جي وزيرا??ظم شيخ حسينه واجد کي ٽيلي فون ڪئي ۽ ساڻس بنگلاديش ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار ??يو ۽ وائرس جي پکيڙ روڪڻ جي لاءِ بنگلاديش جي حڪومت طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيرا??ظم آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجز جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ کنيل قدمن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم عمران خان شيخ حسينه واجد کي پنهنجي حڪومت طرفان عوام جون زندگيون ۽ معاش جو ذريعو بچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن بنگلاديش جي وزيرا??ظم کي اسرندڙ ملڪن جا قرض معاف ڪرڻ جي حوالي ??ان عالمي سطح تي شروع ڪيل پنهنجي قدمن ۽ ڳالهين کان به آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن تي به افسوس ۽ همدردي جو اظهار ??يو ۽ ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيندڙن جي جلد بحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيرا??ظم عمران خان پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي رابطن ۽ عوام جي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا تي زور ڏنو، وزيرا??ظم عمران خان سارڪ ??ان پاڪستان جي ڪمٽمينٽ جو اعلان ڪندي پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ علائقائي تعاون وڌائڻ جي سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
وزيراعظم جي بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي ٽيلي فون
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن