اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڪوويڊ 19 جي صورتحال ??ي ڪري درپيش مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان مالديو پاران ڪوورنا وائرس جي و??ا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ معيشت سميت سياحت جي شعبي جي بحالي جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. وز??راعظم عمران خان مالديپ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي صورتحال بابت بريف ڪيو ۽ ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت ??ي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت انساني جانين جي تحفظ، ڪاروبار ۽ آمدني جي ذريعن کي محفوظ بڻائڻ ۽ معيشت جي بحالي تي خاص ڌيان ڏنو آهي. وز??راعظم وڌيڪ چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي ۽ معيشت جا وڏا شعبا ترتيبوار کوليا پيا وڃن. وز??راعظم عمران خان گلوبل انيشيٽيو آن ڊيٽ رليف جي حوالي سان مالديپ جي صدر کي آگاهه ڪيو جيڪو اسرندڙ ملڪن ۾ ڪورونا وبا جي سخ?? سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. وز??راعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرندڙ ملڪن جي مالياتي و??يلن ۽ صحت جي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولت ۾ گهٽتائي ??ي ڪري ڪورونا وبا ??ان خاص طور تي وڌيڪ متاثر ٿيا آهن ان لاءِ اسرندڙ ملڪن ۾ خاص قدمن جي ضرورت آهي.
وزيراعظم عمران خان جي مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil