اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت بلوچستان جي پوئتي پيل ڏاکڻين ضلعن لاءِ وڏي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن ??حت انهن ??لعن ۾ بجلي، گئس ۽ رستن جي سهولت جي فراهمي لاءِ ٽي سالن ۾ 600 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا، ??نهن ??لعن ۾ نيشنل گرڊ ۽ ٻين ذريعن مان بجلي فراهم ڪئي ويندي، جيڪي ماڻهو مهانگي گئس نٿا خريد ڪري سگهن ??نهن ??ي احساس پروگرام تحت مدد ڪنداسين، پيڪيج تحت 16 نون ڊيمن جي تعمير سان هڪ لک 50 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، گلگت بلتستان جي عوام تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ان علائقي جي لاءِ به جامع ترقياتي پيڪيج ڏنو ويندو، اندروني سنڌ ترقي جي لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهيون?? ڪراچي جي لاءِ به پيڪيج ڏنو آهي، پي ڊي ايم جو بيانيو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، عوام جي مسئلن تي ڳالهين لاءِ اسان جا دروزا کليل آهن پر اين آر او نه ملندو. اطلاعات ۽ نشريات وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات واري و??ير مراد سعيد، دفاعي پيداوار واري وفاقي و??ير زبيده جلال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي و??ير اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن گذريل ڏينهن ??ربيت جو دورو ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومت جي ذميداري آهي ته ملڪ ۽ معاشري جي ڪمزور ترين طبقن کي سهار?? ڏنو وڃي، هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن جي ترقي جي لاءِ جيڪو پيڪيج ڏنو آهي ان ۾ اتي جي سڀ کان وڏين ضرورتن جو خيال رکيو ويو آهي، اتي جي نوجوان آبادي جو وڏو حصو آهن، اتي زراعت به هڪ وڏو ذريعو آهي جنهن ??ي لاءِ پاڻي جي ضرورت هوندي ۽ ان جي لاءِ اتي ڊيم ٺاهڻ هڪ ضرورت آهي، انهن ??لائقن جي مجموعي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهيون.
وفاقي حڪومت پاران بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن لاءِ وڏي ترقياتي پيڪيج جو اعلان
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria