اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) بجلي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ??سان جي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇائي وئي، کين خبر هئي ته سندن حڪومت نه ايندي ۽ ان جي غلط م??اه??ن ۽ منصوبن جو نتيجو ايندڙ حڪومت ڀوڳيندي، موجوده حڪومت ??ن جي غلط پاليسين جو بار عوام تي نه وڌو، ارب??ن روپين جي سبسڊي ڏني پر عوام تي بار نه وڌو، انهن جي غلط پاليسين جو نتيجو ايندڙ سالن ۾ به ڀوڳڻو پوندو، جڏهن انهن کان سوال ڪريون ٿا ته هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا آهن، ملڪ کي گروي رکي هليا ويا، عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، انهن جا جلسا ناڪام ٿي چڪا، اهي حڪومت ??ي ڪارڪردگي ۽ سڌارن کان ڊنل آهن، اسان انرجي اسٽرڪچر کي تبديل ڪري ره??ا آهيون، توانائي جي شعبي ۾ نوان ۽ شفاف م??اه??ا ڪري ره??ا آهيون. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي رٿ تي بحث سهيڙيندي عمر ايوب خان چيو ته مخالف ڌر جي يادداشت ڪمزور آهي يا وري اهي حقيقن کي ڄاڻي واڻي مسخ ڪري ره??ا آهن، گذريل ڏينهن ملڪ ۾ پاور پلانٽس جي ٽرپ ڪرڻ جي ڪري بليڪ ??ئوٽ ٿيو، ان طرح جو بليڪ ??ئوٽ اڳوڻي حڪومت ۾ 8 ڀيرا ٿيو جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳا، اسان ٽن ڪلاڪن ۾ وڏن شهرن ۾ بجلي بحال ڪري ڇڏي جڏهن ته 8 ڪلاڪن ۾ پوري ملڪ ۾ اهو مسئلو ٿي ويو، ان معاملي جي جاچ ٿي ره?? آهي ۽ حڪومت پوري نظام جو جائزو وٺندي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 18 ، 19 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ ??جلي ٽرانسمينٽ نه ڪئي، اسان اها صلاحيت ساڍا 23 هزار تائين وٺي وياسين، اڳوڻي حڪومت 2013ع کان 2018ع تائين غلط فيول مڪس متعارف ڪرايو جنهن جو نتيجو نه رڳو اسان پر عوام به ڀوڳي ره?? آهي، اڳوڻي حڪومت ??سان جي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇائي وئي ڇو ته کين خبر هئي ته ٻيهر سندن حڪومت ناهي اچڻي.
اڳوڻي حڪومت اسان جي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇائي وئي: عمر ايوب خان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات