اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته خطي جي ??وا?? کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ واپاري لاڳاپن جو فروغ اڻٽر آهي، يورپي يونين جي طرز تي اسان کي خطي ۾ واپاري لاڳاپا هموار ڪرڻا پوندا، مسئلن جو حل جنگ بدران ڳالهين ۾ آهي، پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ ويڇي ۾ ماضي وانگر هڪ دفعو ٻيهر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، سريلنڪا جي واپاري برادري کي سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيان ٿو، پاڪستان ۾ مذهبي ماڳن سميت سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پهرين پاڪستان ??ريلنڪا ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سريلنڪا جي وزيراعظم مهندرا راجا پاڪسي به موجود هو. وزيراعظم چيو ته هو غربت جي خاتمي جو مقصد کڻي سياست ۾ آيو، 25 سال پهرين هن پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪيو ۽ ڪينسر اسپتال شروع ڪئي ڇو ته ڪينسر جو علاج تمام گهڻو مهانگو هجڻ جي ڪري عا?? ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر هو، فلاحي ڪم ڪندي مون کي احساس ٿيو ته پاڪستان ??ي ??وا?? جي اڪثريت غربت، غذائي کوٽ، ناڻي واڌ جو شڪار آهي، پاڪستان ۽ سريلنڪا کي هڪجهڙا مسئلا درپيش آهن، هن چيو ته سريلنڪا جي صدر سان گذريل ڏينهن مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ??اڻس سير حاصل ڳالهه ٻولهه ٿي. مون چين جي دوري دوران ??هو ڏٺو ته هنن هول سيل ۽ ريٽيل ۾ فرق کي ٽيڪنالاجي جي ذريعي گهٽ ڪيو ته جيئن عا?? ماڻهو کي سهولت حاصل ٿئي، هن چيو ته سيڙپڪاري جي ذريعي اسان ??ربت ۾ گهٽتائي آڻي سگهون ٿا، ڪاروبار کي آسان ??ڻائڻ ۽ روانگي واپار وڌائڻ اسان ??ي اولين ترجيح آهي، هن چيو ته چين 35 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، اه?? وڏي ڪاميابي آهي، ڪاروباري سرگرمين جو مقصد دولت جي پي??اوار ۽ غربت جو خاتمو آهي، سيڙپڪاري جا موقعا پي??ا ڪري اسان ??ربت جو خاتمو ڪري سگهون ٿا، وزيراعظم چيو ته سياسي استحڪام ۽ پاڙيسرين سان ??هترين لاڳاپا به غربت ۾ گهٽتائي جو ذريعو آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي، دهشتگردي سيڙپڪاري ۽ سياحت جي لاءِ خطرو آهي، مون اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ڀارت سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ڪوشش ڪئي ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ڳالهين جي دعوت ڏني پر اسان کي ڪاميابي نه ملي سگهي.
خطي جي عوام کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ واپاري لاڳاپن جو فروغ اڻٽر آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر