اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪورونا وائرس ??ي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪورونا وائرس ??بب 104 فوتگيون ٿيون جنهن مان 43 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن د??ران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 256 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 68 سيڪڙو، لاهور ۾ 58 سيڪڙو، پشاور ۾ 37 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو مريض آه??. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪ??سن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، صوابي ۾ 47 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 51 سيڪڙو، ملتان ۾ 60 سيڪڙو مريض آه??. گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 771 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 41، پنجاب ۾ 16 هزار 51، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 198، اسلام آباد ۾ 2 هزار 814، بلوچستان ۾ هڪ هزار 521، گلگت بلتستان ۾ 342، آزاد ڪشمير ۾ 804 ٽيسٽ شامل آه??. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 7 لک 99 هزار 951 ٿي چڪو آه??. گگت بلتستان، آزاد ڪشم??ر ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آه??. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 567 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 66 هزار 371 آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 86 هزار 184 آه??.
ڪورونا سبب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 104 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania