اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ ريلوي واري ??فا??ي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي چيو آهي ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي بل کي ڊيگهه ڏئي حڪومتي قانونسازي کي بلڊوز ڪيو ??يو، صدر جي خطاب لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي اهو بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظوري لاءِ موڪلينداسين، ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي يقين ڏياريون ٿا ته انهن کي ووٽ جو حق ضرور ملندو، ??خا??ف ڌر ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي ووٽ جو حق ڏيڻ کان ان لاءِ ڊنل آهي ته اهو ووٽ عمران خان کي ملندو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سڌارن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي مان بل تي هڪ تجويز به ??خا??ف ڌر ??ار??ن نه آئي، قومي اسيمبلي مان بل منظور ٿيڻ کانپوءِ 90 ڏينهن جي اندر سينيٽ مان منظور ڪرائڻ ضروري آهي، اسان نئين روايتي قائم ڪئي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميتي ۾ پيش ٿياسين جتي اسان اليڪشن ڪميشن آڏو ان ??ار??ن اٿاريل اعتراضن تي سوال رکڻ چاهيو ??ئي جڏهن ته ائين پهريون ڀيرو ٿيو جو جنهن اداري جي لاءِ اسان قانونسازي ڪرڻ چاهيون ٿا اهو اجلاس مان اٿي هليو ??ڃي. هن ٻڌايو ته ڪميٽي جي چيئرمين بلوچستان مان عورت سينيٽر کي وڊيو ??نڪ ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ کان انڪار ڪيو، اڄ سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي وڊيو ??نڪ ذريعي ٿئي ٿي، ??خا??ف ڌر پهريون ڀيرو حڪومتي قانونسازي کي بلڊوز ڪيو ان عمل سان ??خا??ف ڌر بي نقاب ٿي، اها سڌارن جي دشمن، اسٽيٽس ڪو ۾ ٻڌل آهن، اهي ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي اقتدار ۾ حصيداري جا دشمن آهن. هن چيو ته ڌانڌلي سان ??خا??ف ڌر اڳواڻ ٺاهڻ جا الزام هڻندڙن هڪ ٻئي کي تسليم ڪري ورتو، انهن کي خطرو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو ووٽ عمران خان کي ملندو. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي خوشخبري ڏني ته انهن جو بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کڻي وينداسين. هن چيو ته 13 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري رهيا آهيون جتي صدر جي خطاب سان گڏ چوٿين پارلياماني سال جي شروعات ڪري رهيا آهيون جنهن کانپوءِ اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائينداسين، اتي ان قانون کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ڏانهن موڪلينداسين. هن سوال ڪيو ته ڇا اهو اتفاق آهي ته هڪ طرف سڌارا ڪندڙ آهن ۽ ٻئي طرف سمورا اسٽيٽس ڪو وارا ان جا ??خا??ف آهن. هن چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت جلد کان جلد اها قانونسازي ڪندي، حڪومت نيب جي قانونسازي جو ذمو کنيو ته ??خا??ف ڌر ان جي آڙ ۾ اين آر او گهريو ??ر حڪومت اهو بل به منظور ڪرايو. ريلوي واري ??فا??ي وزير سينيٽر اعظم سواتي چيو ته پاڪستان جي جمهوريت جي اساس ۽ شفاف ??ون??ون ڪرائڻ جي لاءِ حڪومت سڌارا آڻي رهي آهي، گذريل سال آڪٽوبر ۾ 49 ترميمون پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون، صدر 2 سالن کان اي وي ايم جي لاءِ لاڳيتو ايوان صدر ۾ اجلاس ڪندو رهيو جنهن ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي ماهر پن شرڪت ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته اهي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون اليڪشن ڪميشن جي ضرورت موجب آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ منصفاڻي ۽ شفاف ??ون??ن جي لاءِ ٽيڪنالاجي طرف وڃڻ ضرورت آهي، اليڪشن ڪميشن جو اهو صوابديد آهي ته اها پنهنجي معيار موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ??ون?? ڪري. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪندي اسان ??خا??ف ڌر کي شڪست ڏينداسين، 2023ع جون ??ون??ون صاف، شفاف ٿينديون. هن چيو ته پارليامينٽ بالادست ادارو آهي، سنڌ ۾ ناڪام طرز جمهوريت کي حقيقي جمهوريت سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي، شفاف ??ون??ن جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ضروري آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس مان اليڪشن ڪميشن جي واڪ آئوٽ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪو آئيني ادارو پنهنجو پاڻ کي جيڪڏهن آئين کان مٿانهون سمجهي ٿو ته اهو ئي ائين ڪري سگهي ٿو، دنيا ۾ بئنڪنگ، عدليه، انتظاميا سميت هر ادارو ٽيڪنالاجي طرف وڃي چڪو آهي.
سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي بل کي ڊيگهه ڏئي حڪومتي قانونسازي کي بلڊوز ڪيو ويو: بابر اعواڻ/ اعظم سواتي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو